جاڻ خراساني

جاڻ خراساني: جاڻ خراساني ڀوري رنگ جو سنهن داڻن وارو ٻج آهي، ذائقي ۾ تمام تيز ٿئي ٿو. طبيبن موجب هيءُ جگر ۽ مادي کي طاقت ڏئي ٿي، هاضمو پيدا ڪري، بک وڌائي ٿو. دماغي رطوبت سڪائي ٿو. مٿي جي سـور، کـنـگهه، دمـڪـشـي، سـنـڌن جـي سـور، فـالـج، لقوي، عرق النساءِ، مثاني جي ڦٽ ۽ پٿري ڪڍڻ لاءِ به حڪيم استعمال ڪندا آهن. هن جو گهڻو استعمال مٿي ۾ ڦيري، چريائي ۽ عقل ۾ خلل پيدا ڪري ٿو.



لفظ جاڻ خراسانيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو